بينگلور (اسپورٽس نيوز) بينگلور ۾ آءِ پي ايل جي فتح جي جشن دوران ڀاڄ، 11 ڄڻا فوت، 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، خبر موجب بينگلور ۾ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فتح جي جشن دوران ڀاڄ ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، انتظاميا پاران فوتين جي تعداد وڌڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب آءِ پي ايل کٽيندڙ ٽيم رائل چئلينجرز جا هزارين مداح جشن ملهائڻ لاءِ اسٽيڊيم جي چوڌاري گڏ ٿيا. ميڙ بي قابو ٿي ويو، جنهن جي ڪري اسٽيڊيم جي ڪيترن ئي داخلي دروازن تي ماڻهن وچ ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڪرناٽڪا اسٽيٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (KSCA) آر سي بي جي تاريخي آئي پي ايل ٽائيٽل کٽڻ جي جشن لاءِ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي هئي، جنهن لاءِ ٽيم جي احمد آباد کان واپسي کان پوءِ هزارين مداح اسٽيڊيم پهچي ويا هئا. ڪيترن ئي ماڻهن وٽ داخلا پاس نه هئا، جنهن ڪري داخلا پوائنٽ تي سخت افراتفري پيدا ٿي وئي.اکين ڏٺن شاهدن موجب، مداحن کي ڀتين تان چڙهڻ ۽ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو ويو. پوليس صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ڪيو. جنهن سڀ افراتفري واري صورتحال پيدا ٿي وئي، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.