ميلبورن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان بگ بيش جي ڊرافٽ تان هٿ کڻي ويو، ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان محمد رضوان جي بي بي ايل جي ڊرافٽ تان هٿ کڻڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ويسٽ انڊيز جو نڪولس پورن به نه کيڏي سگهندو، آسٽريلين ڪرڪيٽ موجب بگ بيش ليگ ۽ وومين بگ بيش ليگ جو اوورسيز ڊرافٽ 3 سيپٽمبر تي ٿيندو، شاداب خان، حارث رئوف، افتخار احمد ۽ آصف علي سميت ڪيترائي پاڪستاني ڪرڪيٽر بگ بيش ليگ جي ڊرافٽ ۾ شامل آهن. جڏهن ته پاڪستان ويمن ڪپتان ندا ڊار ۽ فاطمه ثا سميت ڪيتريون ئي پاڪستاني وومين ڪرڪيٽر به آهن.