اسلام آباد (م ڊ) سڪندر بخت انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ رانديگرن کي کيڏائڻ لاءِ کانئن پيسا ٺڻ جا اطلاع آهن. حامد مير جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سڪندر بخت چيو ته مون کي ڪيترن ئي ڇوڪرن شڪايت ڪئي آهي ته کانئن پيسا گھريا ويا آهن. کين چيو ويو آهي ته توهان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ کيڏن چاهيو ٿا ته پيسا ڪيترا ڏيندئو؟ هن چيو ته ان تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. سڪندر بخت چيوته ان قسم جي ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ ضروري آهي. آئون پاڻ 25 سال ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهيان. هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي جا سليڪٽر رڳو ڪراچي جا رانديگر کڻندا هئا، پنجاب جا صرف پنجاب مان. هاڻي به ان قسم جو سلسلو هلندڙ آهي.