ٽنڊو محمد خان / بلڙي شاهه ڪريم (نمائندن وٽان)  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ کي معاشي بدحالي مان مستقل نجات ڏيارڻ جو واحد رستو ڪرپٽ، چور ۽ راشي حڪمرانن کي چونڊن ۾ تاريخي شڪست ڏيارڻ سان لاڳو آهي، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي تنظيمي دوري دوران ڪپوري موري ۽ ٻين علائقن ۾ سوين ڪارڪنن جي استقبال دوران عوامي ميڙن کي مخاطب ٿيندي ڪيو، هن چيو ته نواز ليگ ، پيپلز پارٽي ، تحريڪ انصاف پنهنجي دوري اقتدار ۾ عوام کي ڪو به رليف ڏياري نه سگهيا ، جنهن جي ڪري هاڻي ملڪ جي اندر بحران شدت اختيار ڪري عوام کي اٽي لٽي اجهي لاءِ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ، عوام کي اليڪشن ۾ هميشه سنهري خواب ڏيکاري ووٽ وٺي عوام سان ويساھ گهاتي ڪئي ويئي آهي ، حڪمرانن ڪرپشن جا ايترا ته رڪارڊ قائم ڪري ورتا آهن جيڪي رڪارڊ ملڪ جي بدحالي جو سبب بڻيا آهن ، ميان محمد نواز شريف کي ڪو به رليف نه ملڻ گهرجي ها پر ماضي ۾ ملڪ جي خزاني جي لٽ مار ڪرڻ جا الزام لڳائي هاڻي کيس شريف بڻائي عوام کي وري ٻيو سليڪٽيڊ حڪمران ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي پئي ، جنهن مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ، عمران خان جي غلط پاليسين توڙي زرداري جي ڪرپشن جا به منظر عوام آڏو پڌرا ٿي چڪا آهن جنهن جي ڪري هاڻي عوام کي پنهنجي قومي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسرائيل جارحيت سان فلسطيني عوام جو قتل عام ڪيو وڃي پيو وڃي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي صدر محمد حسين محنتي، ڊاڪٽر اسد الله ڀٽو، ڊاڪٽر امتياز پالاري، لال محمد سولنگي، صاحبڏنو سولنگي ۽ بين پڻ خطاب ڪيو.