مٺي(رپورٽر) ٿر سان تعلق رکندڙ اڳوڻو صوبائي وزير ۽ اڳوڻو ضلع ناظم ارباب عطاء الله وڏي عرصي جي سياسي خاموشي بعد قومي تڪ اين اي 215 جي جي ڊي اي اميدوار ارباب غلام رحيم جي حق ۾ ورڪ مهم تي نڪري پيو آھي،مٺي ۾ عوامي پريس ڪلب تي ارباب عطاءِ الله صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته گذريل 15 سالن جي ناڪاره ۽ مهاڪرپٽ حڪمراني معدني وسيلن سان مالا مال خطي ٿر کي اٿوپيا بڻائي ڇڏيو آھي،جنهن ڪري  شاهوڪار خطي ٿر جو عوام بک،بدحالي، غربت ۽ اڻبرابري جو شڪار ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي، جنهن ڪري هاڻوڪين چونڊن ۾ عوام کي ووٽ جو سهي حق ادا ڪرڻون پوندو،  جيڪنڏهن اسان هن ڀيري به ڪرپٽ ٽولي کي چونڊڻ جي غلطي ڪئي ته اسان کي وڌيڪ تباهي کان ڪير به بچائي نه سگهندو،هن چيو ته ارباب غلام رحيم وڏو وزارت جي دور ۾ ڪجهه سالن اندر جيترا ترقياتي اسيڪمن جا ڄار وڇايا ان ڀيٽ ۾ پ پ پ وارن 15 سالن ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻون نه ڪيو ۽ رڳو ڪرپشن ڪري پنهنجا پيٽ ڀرڻ کي ترجيح ڏني آھي،هن چيو ته ارباب غلام رحيم وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندو، عوام پ پ پ اميدوار کي رد ڪري چڪو آھي،  هن چيو ته   ارباب غلام رحيم ٿر جي تاريخ جو ايماندار،عوام جو طرفدار ۽ هڏڏوکي اميدوار آھي جنهن هميشه پننهنجي پيٽ بدران پٽڪي جو ڀرم رکيو ۽ سياست کي بازار جي وکر بدران عوام جي حقيقي خدمت  سان عبادت سمجهيو آھي ٿري عوام کي مها ڪرپٽ ماڻھن مان جان ڇڏائڻ جو موقعو آھي ته کين چونڊن ۾ شڪست ڏيئي ارباب غلام رحيم ۽ انجي سمورين سيٽن تي بيٺل پئنل جي اميدوارن کي ڪامياب ڪن، انهن جي ڪاميابي ٿر جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت ثابت ٿيندي۔  هن چيو ته مون کي يقين آھي ته ٿر جو عوام هن ڀيري ارباب غلام رحيم ۽ سندس پئنل کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪري هڪ خوشحال ٿر جي ٻيهر بنياد رکندو