اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم جي صدارت ۾ اجلاس، ڪرپٽ آفيسرن، بجلي چوري، اسمگلرز ۽ ذخيرا اندوزي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. تفصيل موجب وزير اعظم شھباز شريف جي صدارت ھيٺ غيرقانوني سرگرمين خاص ڪري اسمگلنگ جي روڪٿام متعلق اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير، وفاقي وزيرن، صوبن جي وڏن وزيرن  شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ اندر غيرقانوني سرگرمين، ڏوھاري مافياز جي خاتمي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڏوھاري  گروپن، اسمگلنگ، ذخيرا اندوزي، مني لانڊرنگ، بجلي چوري خلاف قدم کڻڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ملڪي معيشت کي متاثر ڪندڙ اسمگلرز، ذخيرا اندوزن خلاف ڪاروائي جو عزم ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ معاھدن جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ بجلي چوري پاليسي، بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين جي نئين سر جوڙجڪ، سمارٽ ميٽرز لڳائڻ ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف سخت ڪاروائي متعلق معاھدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. آرمي چيف جنرل عاصم منير ملڪي معيشت جي بحالي جي لاءِ پاڪ فوج پاران حڪومتي قدم جي حمايت جو عزم ڪيو. وزر اعظم شھباز شريف طئي ٿيل حدف ۽ قدمن تي مقرر وقت تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معيشت جي بهتري ۾ ڪوبه سياسي ۽ انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته جيڪا کنڊ وڪڻي اسان ڊالر ڪمائي سگهون پيا، اُها افغانستان اسمگل ٿيڻ سان نقصان ٿيو، بجلي چوري سان ساليانو 4 کان 500 ارب روپيا نقصان ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ۾ توانائي جي شعبي ۾ 58 ارب روپيا اوڳاڙيا ويا، نگران دور ۾ اسمگلنگ جي خاتمي بابت جوڳا اپاءَ ورتا ويا، آرمي چيف ۽ صوبن جي سهڪار سان اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ مدد ملي آهي.