ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪرپٽو ڪرنسي جي واپاري جي شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۽ 9 ڪروڙن جي ڦر واري ڪيس ۾ نامزد 2 پوليس اهلڪارن سميت 8 جوابدارن کي پنجن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر چيو ته اهو اغوا بعد ڀنگ وارو ڪيس آهي، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته اهو اغوا بعد ڀنگ جو ڪيس ڪيئن آهي، ڀنگ جا پئسا ڪٿي آهن؟ هن ڪيس ۾  فريادي توڙي جوابدار ٻه نمبر آهي، اهو ڪيس نٿو ٺهي عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته جوابدارن کي ضمانت ڏئي رهيا آهيون، اوهان جي آءِ ٽي جوڙايو عدالت وڌيڪ چيو ته ڪيس جي فريادي جي ڪردار مان مطئمن ناهيون، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته مدعي چور آهي، تڏهن به اغوا ته ٿيو آهي، جنهن تي جج جاچ آفيسر کي چيو ته ناجائز پئسو به مني لانڊرنگ آهي، توهان به ڄاڻو ٿا ته اهو پوليس نه پر ايف آءِ اي جو ڪيس ٺهي ٿو، توهان گرفتار ٿيلن کي جوابدار بدران شاهد بڻايو ۽ فريادي کي پڪڙيو، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته اهو فنانشل ڪرائيم جو ڪيس آهي، جنهن لاءِ ايف آءِ اي کي به خط لکيو آهي، ٻڌڻي دوران جوابدار سيد مزمل مسلسل روئندو رهيو،  جاچ آفيسر چيو ته سي ٽي ڊي اهلڪار محمد عمر ۽ ڪانسٽيبل علي سجاد ۽ ٻين جوابدارن ارسلان کي اغوا ڪيو، جوابدار ڪانسٽيبل علي سجاد سي پي پيڪ جي سيڪيورٽي تي مقرر هو, جوابدارن ارسلان جي اڪائونٽ مان 13 ڪروڙ رپيا ڪڍرايا هئا.