ڪرپشن ۽ انتظامي نااھلي جي ور چڙھيل تعليم کاتو

0
46
ڪرپشن ۽ انتظامي نااھلي جي ور چڙھيل تعليم کاتو

 اِهي سياري جي موڪلن وارا ڏينھن ھئا. شام جي پھر ۾ ڳوٺ واري گرائونڊ تي ڪرڪيٽ جي راند ھلي رھي ھئي ته اچانڪ ڪنھن ھڪ دوست ڏانھن ڪال اچي ٿي جنھن کان بعد، ھن جي ڪيفيت بدلجي وڃي ٿي. پڇا ڪرڻ تي ٻڌائي ٿو ته ڀاڻس طرفان ڌڙڪو ڏنو ويو آھي ته اڄ ڪاليج سائيڊ جو امتحان ھو ۽ ھُو اُن کان بي خبر ھو آخر ڇو؟ سنڌ جي تعليم تي جيڪڏهن اسين سرسري نظر وجھنداسين ته اسان کي ڪجهه ھن طرح جي ڄاڻ ملندي ته عام طور تي ٻار شروعاتي درجن کان وٺي اٺين درجي تائين ته باقائدہ محنت ڪري ٿو ۽ بعد ۾ نائين درجي کان وٺي ٻارھين تائين ھو ڪاپي ۽ پئسن جي رحم و ڪرم تي مارڪون يا گريڊ وصول ڪري ٿو. ٻارھين درجي جي امتحانن کان پوءِ ٻار ۽ ان جا والدين ٻار جي اڳتي پڙھائي کي جاري رکڻ لاءِ فڪرمند ٿين ٿا. ڪاپي ڪلچر مان گذري شاگرد جڏھن ڪاليج سائيڊ جي امتحانن ۾ وڃن ٿا ته اُتي اھي مضمون يعني سبجيڪٽ کان ئي اڻ واقف ھوندا آھن ته  اڄ ڪھڙي مضمون جو امتحان آھي؟، نه صرف ايترو پر اھڙي قسم جا شاگرد پنھنجي  نااھلي تي پشيمان ٿيڻ بجاءِ پنھنجي (Answer) ڪاپي جون تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي وائرل پڻ ڪن ٿا. جيڪڏهن ھڪ سروي ڪري ڪاليج سائيڊ جي شاگردن کان ٿيندڙ امتحانن ۾ آخري پيپر تي ڊگري ۾ موجود سڀني مضمونن (subjects) جا نالا ۽ انھن جي وضاحت (Defination) جي پڇا ڪئي وڃي ته يقينن اسان کي اڪثريت ۾ اھڙا شاگرد به ملندا جن کي پوري (Degree) پروگرام  ۾ موجود ٽوٽل سبجيڪٽن جي تعداد جي به خبر نه ھوندي. ھتي سنڌ ۾ يونيورسٽين طرفان جيڪا ڪاليج سائيڊ ۾ تعليم ڏِياري وڃي ٿي انھن ۾ اڄڪلهه ريگيولر ۽ پرائيويٽ جو ته ڪو به فرق نه وڃي بچيو آھي.  ريگيولر جا ڪلاس پوري سال ۾ عام ڏينھن  ۾ نه ھئڻ برابر يا ٻين لفظن ۾ ڪٿي به نه ٿا ھلن. جڏھن نوان شاگرد ڪاليج سائيڊ جي گريجوئيشن پارٽ ون ۾ داخلا وٺڻ اچن ٿا ته انھن کان سوال ڪيو وڃي  ٿو ته ڇا اوھين ريگيولر داخلا وٺندا يا پرائيوٽ، جنھن تي اميدوار يعني داخلا وٺندڙ طرفان سوال ڪيو وڃي ٿو ته ٻنھي ۾ ڇا فرق آھي؟ جنھن جو جواب اڪثر ھن طرح ملندو آھي ته پرائيوٽ جي فيس چار ھزار مٿي آھي.

سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ مختلف شاگردن مان اسان کي اھڙا شاگرد به ملندا جيڪي HEC ريڪگنائيز يونيورسٽيز ۾ به پڙھندڙ ھوندا ۽ ڪاليج سائيڊ ۾به ريگيولر ۾ پڙھندڙ ھوندا. ڪڏھن ڪنھن تي قانوني ڪارروائي نه ٿي آھي جنھن جي ڪري ڌڙا ڌڙ شاگرد غلط رستي تي ھلي رھيا آھن. جيڪڏھن اسين استادن تي نظر ڦيرائينداسين ته نائين کان وٺي ڪاليج سائيڊ تائين جا استاد ڪاپي ڪلچر مھيا ڪرڻ   ۾ ملوث آھن. سوال اِھو ٿو ٿئي ته ڪاليج سائيڊ جي تعليم ۾ (Answer) شيٽ جون ڪاپيون سوشل ميڊيا تي ڪيئن ٿيون وائرل ٿين؟ جنھن مان واضح طور ايئن سمجھي سگھون ٿا ته استادن پاران پنھنجي ھٿن سان شاگردن کي موبائل سميت ھر اھا سھولت فراھم ٿئي ٿي جيڪا ڪاپي لاءِ مددگار ھجي ٿي. جيڪڏهن اسين ڪنھن اھڙي ڪاليج ۾ داخل ٿيون ٿا جتي گريجوئيشن جي تعليم پڻ ڏني وڃي ٿي اتي اسان کي ڪا به خبر نه پوندي ته  ڪھڙا ڪھڙا استاد ڪاليج جا ۽ ڪھڙا استاد ڪاليج سائيڊ تعليم يعني گريجوئيشن جا آھن. گريجوئيشن جي تعليم مھيا ڪندڙ ڪاليجن ۾ اسان کي اھڙا ادارا به ملندا جتي گريجوئيشن جا استاد به پورا نه ھوندا پوءِ به اتان جي انتظاميا ريگيولر جي تعليم ڏيندڙ ھوندي. اِن سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سوال جنم وٺي ٿو ته انھن شاگرد ويچارن جو ڪھڙو قصور جيڪي ريگيولر پڙھڻ ته چاھين ٿا پر انھن کي ڪلاسز جو ماحول نٿو مھيا ڪيو وڃي. ڪاليج سائيڊ گريجوئيشن ۾ داخلا وٺندڙ ڪجهه شاگردن موجب ته جيڪي استاد گھربل مضمونن(Subjects) لاءِ نامزد ڪيا ويا آھن ڇا انھن وٽ گھربل سندون (Degrees) آھن؟

اھڙي ئي تعليم واري ماحول مان گذري اسين سنڌي دنيا جو رڪارڊ ڪجهه ھن طرح قائم ڪندا آھيون جو IBA جي ٽيسٽ ۾ جتي سڀ جا سڀ گريجوئيٽ ويھن ٿا اتي ھڪ سيڪڙو به اميدوار پاس نه  ٿا ٿين. سنڌ جي موجودہ تعليمي صورتحال ڪجهه ھن طرح آھي جو ھڪ رپورٽ موجب ته پاڪستان تعليم جي حساب سان دنيا ۾ ھيٺين نمبرن کان ٻئين نمبر تي آھي، جتي پنج کان 16 ورهين جي عمر جا 2 ڪروڙ 28 لک، يعني 22.8 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، جيڪو پنج کان 16 ورهين جي ٽوٽل آباديءَ جو 44 سيڪڙو آھي. وڌيڪ اُن رپورٽ ۾ لکيل ھو ته 5 کان 9 ورهين جي عمر جا پنج ملين ٻار اسڪولن ۾ داخل ئي ناھن ۽ پرائمري کان بعد يعني 10 کان 14 ورهين جي آباديءَ وارن جو تعداد ٻيڻ تي 11.4 ملين آھي، جيڪي ٻار اسڪول جو مُنھن به نٿا ڪن. اُن حساب سان سنڌ ۾ 52 سيڪڙو غريب ٻارن جو ۽ 58 سيڪڙو عورتن جو تعداد اسڪولن کان ٻاھر آھي. اسان ھڪ نظر جيڪڏهن سنڌ جي تعليم جي بجيٽ تي وجھنداسين ته گذريل سال سنڌ حڪومت ايجوڪيشن کاتي لاءِ 277 ارب رپيا رکيا ھئا، جنهن کي ھِن سال 17 سيڪڙو وڌائي 326 ارب رپيا رکيا ويا آھن، جنھن مان ڪاليج ايجوڪيشن لاءِ 26 ارب، سيڪنڊري ايجوڪيشن لاءِ 50 ارب ۽ مڊل سيڪشن لاءِ 19 ارب رپيا رکيا ويا آھن. جڏھن ته پرائمري ايجوڪيشن لاءِ سَڀ کان وڌيڪ 93 ارب رپيا رکيا ويا آھن، پوءِ به نتيجو اُھو آھي جو 52 سيڪڙو غريب ٻارن جو تعداد ۽ 58 سيڪڙو عورتن جو تعداد اسڪولن کان ٻاھر آھي، جنھن جو تعداد مُستقبل ۾ اڃا به وڌڻ جا امڪان آھن!

ڪجهه ڏينھن اڳ جي ھڪ رپورٽ جيڪا معتبر اداري ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل طرفان شايع ٿي آھي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي حساب سان تعليم  کاتو پوليس کاتي کان به اڳتي پھرئين نمبر تي آھي. جنهن تي پڻ سوين سوال پئدا ٿين ٿا. سنڌ جي تعليمي نظام تي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ اِھو به ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ صوبو تعليمي بنيادي سھولتن جي لحاظ کان پنجاب ۽ ڪي پي ته ٺھيو پر بلوچستان کان به پوئتي آھي. جتي رڳو 23 سيڪڙو بنيادي سھولتون ميسر آھن. اھا رپورٽ وڌيڪ چوي ٿي ته 13000 اسڪول ٻوڏ دوران تباهه ٿيا. 6.5 ملين ٻارن جو تعداد اسڪولن کان ٻاھر آھي.

ڪجهه ڏينھن پھريان تعليم جي وزير سيد سردار شاهه ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا، ھن چيو ته 800 جعلي ڊوميسائل جيڪي مشڪوڪ ھئا انھن جي اٺن مھينن گذرڻ باوجود به تصديق (verification) نه ٿي سگھي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب 23 لک ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آھي ۽ ساڍا ٻارنھن ھزار اسڪول متاثر، جڏھن ته ساڍا ست ھزار اسڪول مڪمل تباهه ٿي ويا آھن. برساتن دوران ٿيل نقصانن جي ازالي لاءِ جوڳو مڪينزم جوڙڻ بدران آخر ۾ ھن چيو ته اسان ٻارن کي متاثر ٿيل اسڪولن ۾ وڃڻ کان روڪيو آھي ھن وقت ته ٻار اُس تي تعليم پرائين ٿا پر اونھاري ۾ وڏو مسئلو ٿيندو.!