حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نيب پاران 10 ڏينهن اڳ گرفتار ڊي آءِ جي حيدرآباد آفيس جي اڳوڻي شيٽ ڪلارڪ کي ٻيهر 4 سيپٽمبر تائين جسماني رمانڊ تي نيب  ڪراچي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب ڪراچي جي ٽيم رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار غلام حسين عرف نگر ميمڻ کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدار جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته غلام حسين ميمڻ بيمار آهي ان ڪري کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو وڃي پر عدالت سندن درخواست رد ڪندي جوابدار کي نيب تحويل ۾ رکڻ جو حڪم ڏيندي 9 ڏينهن بعد ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.  نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار شيٽ ڪلارڪ تي 2013ع ۽ 2014ع دوران پوليس کاتي ۾ مبينا طور جعلي ڀرتيون ڪري ڪرپشن ۽ رشوت وٺڻ جا الزام آهن. ڄاڻايل جاچ ۾ اڳوڻو ايس ايس پي پير فريد جان سرهندي به شامل آهي.