ڪرپشن مهانگائي وڌڻ جو ڪارڻ آهي، حڪمران ۽ ڪامورا ذميوار آهن، … غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن: عوام

0
14
ڪرپشن مهانگائي وڌڻ جو ڪارڻ آهي، حڪمران ۽ ڪامورا ذميوار آهن، ... غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم  نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گورنر اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته ٽن چئن مهينن بعد مهانگائي اڃا وڌندي: مهانگائي وڌڻ جو ذميوار ڪير؟ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي وڌڻ جو بنيادي ڪارڻ ڪرپشن آهي، مهانگائي وڌڻ جا حڪمران ۽ ڪامورا ذميوار آهن، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، حڪومت آءِ ايم ايف جون فرمائشون پوري ڪرڻ لاءِ مهانگائي ڪري رهي آهي، مهانگائي اڃا وڌي ته غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو، غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد لکيو ته جڏهن ته حڪمران پاڪستان نوازليگ جي شهباز سرڪار وڏيون دعوائون پئي ڪري ته  انهن جي ڪري مهانگائي تيزي سان گهٽجي رهي آهي جيڪا قوم سان ڌوڪي کانسواءِ ڪجھه ناهي جو روزانو پيا نوان اگھه مقرر ٿين، کاڌي پيتي جي شين سان گذريل هڪ مهيني ۾ ڏهه کان 35 سيڪڙو تائين کاڌي پيتي جون شيون وڌيون آهن، اٽو چانور تيل گيھه داليون ڀاڄيون ميوا، باقي خشڪ ميوا ته ڪڏهن جو قوم جي قوت خريد کان ويا پري ٿي هيا، مڱيرا سي به هن سياري ۾ پنج سئو رپين کان ست سئو رپين تائين پيا وڪامجن، قوم دعا ڪري ته ڪا سڻائي ٿئي، قوم جي ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي سڀ چون پيا هو رياست ۽ پاڪستان کي پيا بچائين، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته ووٽ وٺڻ لاءِ سياستدان جا رڳو ووٽرن کي مهانگائي گهٽائڻ جا اليڪشن دوران ڪوڙا دلاسا ڏئي ڪرسيون وٺي عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ وساري ويٺا. جنهن جا ذميوار اسين ووٽر آهيون، حڪمرانن جي ورهين کان سياسي راند ٽي وي چينلز ۽ اخبارن جي سرخي تائين آهي عوام کي رليف ڏيڻ جا ٺلا اعلان ئي نظر اچن ٿا، جڏهن عوام ووٽ جو صحيح حق استعمال ڪندو ته مهانگائي جهڙي ڀلا کان جند آجي ٿي سگهي ٿي. نور محمد سومرو لکيو ته پاڪستان جا سياستدان جنهن ڏينهن ڪرپشن بند ڪندا ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي جيستائين سرعام سزا نه ملندي تيستائين هن ملڪ جو خدا حافظ آهي. پر سوال اهو آهي ته ان تي عمل ڪير ڪندو؟ بس ڪنهن دجال جو انتظار ڪيون جيڪو ڪرپشن ڪندڙ سمون سياستدانن، بيوروڪريٽ ۽ ان جي سهولتڪارن کي ڦاهي چاڙهي. شاهزيب علي لکيو ته وڌندڙ مهانگائي جا ذميوار حڪومتي نمائندا آهن انهن جي نااهلي سبب ملڪي معيشت کي وڏو نقصان رسيو آهي. معيشيت تي ڌيان ڏيڻ ۽ مضبوط حڪمت عملي جوڙڻ سان مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. انجان اسد لکيو ته مهانگائي جي ذميوار موجوده حڪومت آهي،جنهن جي نااهلي سبب ملڪي معيشت ڪمزور ٿي چڪي آهي. ملڪي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ بهتر فيصلا ڪرڻا پوندا جنهن سان مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. مظفر شبير بوزدار لکيو ته نااهل ۽ کائو پٽ حڪمران مٿي لڳل آهن ته اهڙيون شيون هر نئي سج نازل ٿينديون خدا هنن جو ٻيڙو غرق ڪري، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آھي سرڪار جون عياشيون برقرار بھتر آھي ته ھاڻ سرڪار کي گھرجي ته عوام کي زھر مھيا ڪن ته جيئن ھو پنھنجي زندگي جو ڏيئو ھميشه لاءِ اجائي ڇڏن، احسان لغاري لکيو ته جيئن سنڌ حڪومت ملڪ ۾ پير رکيا آھن تڏھن کان وٺي اڄ تائين مھانگائي ۽ بيروزگاري عوام کي ڏاج ۾ ملي آھي مھانگائي جا وڌيڪ ذميوار اھي  آھن جيڪي سياستدانن جي ڏنل برياني جي پليٽ تي نچن ٿا انھن جي سپورٽ ڪن ٿا ۽ سياستدانن جي غائب ٿيڻ تي وري رڙيون ڪن ٿا، صديق احمد سهندڙو لکيو ته مھانگائي جي ذميوار ھي حڪومت آھي جنھن آءِ ايم ايف سان معاھدو ڪري قرض وٺي انھن جون فرمائشون پوريون ڪري ٿي، شاهد بلوچ لکيو ته مهانگائي جو طوفان رڳو عوام لاءِ آهي، اميرن لاءِ مهانگائي ناهي، غريب ماڻهو پريشان آهن، وفاقي حڪومت عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏنو، محمد حسين لکيو ته مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو پريشان آهن، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته مھانگائي جا ذميوار اسين پاڻ آھيون جيڪو اسان ھن ڪرپٽ حڪومت کي سپورٽ ڪيون ٿا، حميرگل راڄپر لکيو ته مهانگائي جي ذميوار هي حڪومت آهن جنهن قرض وٺي عالمي مالياتي ادارا جا شرط پورا ڪيا، ظهر احمد پٺاڻ لکيو ته چونڊيل نمائندن جون پگهارون وڌايون ويون آهن، زويا خان شاهه به سروي ۾ حصو ورتو،  منظور علي زرداري لکيوت ه ملڪ ۾ مھانگائي چئوڻ تي آهي غريب عوام ذھني پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ھر روز کاڌي پيتي شين جا اگھه روز وڌندا وڃن ٿا، سرڪار طرفان غريب عوام کي ڪو به رليف فراھم ناهي ڪيو ويو، سنڌ حڪومت ۽ ضلع انتظاميا کي گھرجي ته غريب عوام کي رليف فراھم ڪيو وڃي، کاڌي پيتي جي شين جا اگھه سستا ڪيا وڃن جيئن غريب عوام پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي سگهن، اسد زرداري لکيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌيڪ آھي عوام سخت پريشان آھي حڪومت پاران عوام کي ڪو رليف ناهي هر روز کاڌي پيتي جي شين جا اگھه وڌن پيا غريب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته روزمره جي استعمال جي شين جا اگھه گھٽ ڪري غريب عوام کي ڪو رليف فراھم ڪيو وڃي، اظهر شر لکيو ته ذميوار آهي اهي آهن جيڪي نسل در نسل حڪمراني ڪن پيا ۽ هر پنجن سالن کانپوءِ چوندا آهن بيروزگاري ختم ڪنداسين مهانگائي ختم ڪنداسين پاڻ ته ٻاهر پيسو پيا جمع ڪن ۽ بزنس هلائين، مري ته هتي عوام پيو پر جڏهن عوام جا منتخب نمائيندا حڪمران ٿيندا تڏهن وڃي تبديلي ممڪن ٿي سگهي ٿي، گلشير سومرو لکيو ته اھو سڄوڪارنامو وڏي سرڪار جوآھي ڊميوار به اھا آھي، صدام سومرو لکيو ته مهانگائي  جو مک سبب ڪرپشن آهي انهيَ ڳالهه جو ذڪر ضروري ناهي ته ڪرپشن ڪير ۽ ڪھڙا ادارا ڪن پيا، ملڪ جي واڳ ڌڻين کي گھرجي ته لٽيل ملڪي ناڻو واپس ڪرائي ملڪ ۾آندو وڃي ته جيئن ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي، مراد علي لکيو ته ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان آھي روزانو کائڻ پيئڻ جون شيون وڌڻ لڳيون آھن سيري ۽ گاجاموري وارن علائقن ۾ مھانگائي جو وڏو طوفان آھي خاص ڪري سبزين جا ريٽ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آھن حڪمرانن کي گھرجي ته ڊپٽي ڪمشنر توڙي مختيار ڪار کي پابند ڪن ته اھي مھانگائي گھٽائڻ لاءِ قدم کڻن. حاجي جکرو لکيو ته مھانگائي وڌڻ جو سبب ڪرپشن آھي منصفاڻي طرح ڪرپشن کي روڪڻ جا اثرائتا اپاءُ کڻي عوام کي عزت جي زندگي گذارڻ ڏني وڃي، قاضي محمد عمران لکيو ته ملڪ ۾ مھانگائي جي ذميوار ن ليگ پيپلز پارٽي آھي ٻنهي پارٽين کي ملڪ مان ڪڍيو وڃي، غلام مرتضيٰ لکيو ته اسان جا حڪمران ٺڳ آهن، محمد موسيٰ لکيو ته هر ضلعي ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن جي چڪاس ڪئي وڃي، پرويز بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، نقاش پيرزادو لکيو ته مهانگائي ڪرڻ به حڪومت جو ڪم آهي، مهانگائي تي ڪنٽرول به حڪومت جو ڪم آهي، سرمد گاڏهي لکيو ته مهانگائي جي ذميوار امپورٽڊ حڪومت آهي، فراز سنڌي لکيو ته مھانگائي وڌڻ جو سبب ڪرپشن آھي منصفاڻي طرح ڪرپشن کي روڪڻ جا اثرائتا اپاءَ کڻي عوام کي عزت جي زندگي گذارڻ ڏني وڃي، اياز کهاوڙ لکيو ته مهانگائي هڪ طريقي سان گهٽ ٿيندي حڪمران مڪمل مٽائن ۽ ھر هڪ ايم اين اي ايم پي اي کان 2ارب وٺن. ملڪ پاڻھي خوشحال ٿي ويندو، ايوب کوسو لکيو ته مھانگائي جي ذميوار رياست آ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ گورنمينٽ جي ذميواري آ، مھانگائي ختم تڏھن ٿيندي جڏهن ڪرپشن ختم ٿيندي ڇو ته ڪرپشن ڪرائڻ ۾ ڪامورن جو ھٿ  آهي جڏھن کاڌي پيتي جون شيون عوام کي سستيون شيون نه ملڻ جا ذميوار اهي ڪامورا آهن ان رشوت کي بند ڪرڻ چونڊيل نمائندن جو ڪم آ پر افسوس راشي آفيسرن رکرائڻ ۾ پڻ چونڊيل نمائيندا ملوث آھن، حبيب لغاري لکيو ته نسل در نسل حڪومت ۾ رهندڙ حڪمرانن کي ته اها به خبر ناهي ته مرچن جي چٽڻي غريبن جي پيٽ سان ڪهڙو حشر ڪندي آهي، مهانگائي جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اهڙا حڪمران اچن جن کي لوڀ لالچ نه هجي.. جيڪي حڪومت ۾ هوندي به پنهنجي خرچ لاءِ مزدوري ڪندا هجن، جن کي پروٽوڪول جي پرواهه نه هجي.. لوڪل بس ۾ به سفر ڪري سگهن. ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته مهانگائي عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ حڪومت پاران عوام کي ڪو رليف ناهي، هر روز هر شئي جا ٻيڻا ريٽ وڌن پيا، غريب ويچارا پيٽ پالڻ ۾ پورا آهن، خودڪشيو پيا ڪن اٽو گيھه کنڊ ڪپڙو پيٽرول سڀني جا اگھه اسمان سان پيا ڳالهيون ڪن، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اٽو گيھه سستو ڪري غريب عوام کي ڪو رليف ڏئي، ووٽن مهل ڪيل واعده پنهنجا پورا ڪري، هر ضلعي، هر تعلقي ۾ ايم پي اي راشن ورهائي، پر هي ڪوڙن دلاسن تي ووٽ وٺي گم آهن، هن سردي ۾ ڪو اجهو ناهي جو غريب پنهنجن ٻچن کي سردي کان بچائي سگهن پ پ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ جي غريب عوام جي مالڪي ڪري، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته ملڪ ۾مهانگائي اڳ ئي گهڻي آهي، غريب ماڻهو فاقا ڪشي تي مجبور آهن، غريب ماڻهو مهانگائي جي ڪري گهر هلائڻ لاءِ پريشان آهن، مهانگائي جا ذميوار حڪمران آهن، جيڪي پنھنجو پيٽ ڀرڻ خاطر غريب عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرائي رهيا آھن، ايف جنيد احمداڻي لکيو ته ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي آهي فصل جا ريٽ ڪونه آهن، ملڪ جا سياستدان پنهنجي سرڪاري پگهار کڻن ۽ مزدور شام جو 500 کڻي اٽو وٺي، مهانگائي جي ڪري ڪهڙو سامان وٺي، عوام کي رليف ڏنو وڃي.