ڪرپشن: قومن جي زوال جو بنيادي سبب

0
42
ڪرپشن: قومن جي زوال جو بنيادي سبب

  ڪرپشن، يعني بدعنواني ۽ عوام جي وسيلن تي قبضي جي روش، سماج جو اهڙو ناسور آهي، جيڪو قومن جي ترقيءَ کي روڪيندو، ادارن جي ساک کي ختم ڪندو ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار کي تمام گهڻو متاثر ڪندو آهي. جڏهن ڪو فرد ڪنهن اداري ۾ يا حڪومت پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال ڪري ذاتي فائدي لاءِ قانون، اخلاق ۽ انصاف جي ابتڙ قدم کڻي ٿو، تڏهن اها رياست يا ادارو ڪرپشن جو شڪار ٿيندو آهي.

                 ڪرپشن جو دارومدار صرف مالي بدعنواني تائين محدود نه آهي، بلڪه اها سياسي، اخلاقي، انتظامي ۽ سماجي سطح تي به ٿيندي آهي، جنهن جا اثر ڊگهي مدي وارا هوندا آهن. اها فقط هڪ فرد يا اداري تائين محدود ناهي، بلڪه ان جو زهر سڄي سماج ۾ پکڙجي ويندو آهي، جيڪو هڪ مڪمل قوم جي اخلاقي تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ڪرپشن جا اهم قسم:

* مالي ڪرپشن: رشوت، ڪميشن، سرڪاري فنڊن جي خردبرد، عوامي منصوبن ۾ اوڳاڙيون.

* سياسي ڪرپشن: چونڊن ۾ ڌاندلي، سياسي مخالفن خلاف ناجائز ڪارروائيون، اقتدار جي لاءِ قانونن جي ڀڃڪڙي.

* ادارياتي ڪرپشن: نااهل ماڻهن جي مقرري، اقرباپروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ.

* اخلاقي ڪرپشن: ضمير جي خلاف ورزي، سچ کان هٽي فيصلا ڪرڻ، ناانصافين جي حمايت.

انهن قسمن جي ڪري سماج اندر ناانصافي، غربت، بيروزگاري، تعليم جي تباهي، ۽ مايوسي پکڙجي ٿي. ماڻهو قانون تان اعتماد وڃائي ويهندا آهن ۽ ملڪ ۾ ترقيءَ بدران پسماندگي وڌڻ لڳندي آهي.

ڪرپشن جي تاريخ انسان جي اقتداري تاريخ جيتري پراڻي آهي. قديم رومن سلطنت ۾ سرڪاري عهدن جي خريد و فروخت عام هئي. چين جي قديم شهنشاهتن ۾ نوڪرين جي بدلي تحفا ۽ رشوت ڏني ويندي هئي. مغليه سلطنت ۾ نوابن ۽ جاگيردارن کي حڪومتي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏيڻ جي ضرورت پوندي هئي، جيڪا ڪرپشن جي ئي هڪ صورت هئي. اسلامي خلافتن ۾ به جڏهن عدل ۽ احتساب ڪمزور ٿيو، تڏهن بدعنواني پکڙجي وئي، جيڪا رياستن جي زوال جو سبب بڻي.

جديد دنيا ۾ ڪرپشن جا مثال:

هيٽي: اڳوڻو صدر جين ڪلاڊ ڊيواليئر، 800 ملين ڊالر جي ڪرپشن ڪئي. ملڪ سياسي، معاشي ۽ سماجي طور تباهه ٿيو.

پيُرو: صدر البرٽو فيوجي موري 600 ملين ڊالر جي بدعنواني ڪئي، جنهن سان عوام بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويو.

نائيجيريا: تيل سان مالا مال ملڪ، پر اڳوڻو صدر ساني اباچا تقريبن 5 بلين ڊالر سوئس بئنڪن ۾ منتقل ڪيا. اڄ بہ ملڪ ۾ غربت، بجلي ۽ پاڻي جي کوٽ عام آهي.

انڊونيشيا: اڳوڻي صدر سهارتو جي دور ۾ اربين ڊالرن جي ڪرپشن ٿي، جنهن ڪري ملڪ آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ تي مجبور ٿيو.

پاڪستان جو منظرنامو:

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي 2024ع واري ڪرپشن انڊيڪس مطابق پاڪستان جو نمبر 135هين آهي. هي رينڪنگ ثابت ڪري ٿي ته ملڪ ۾ ڪرپشن هڪ عام روش بڻجي چڪي آهي. سرڪاري ادارا جهڙوڪ واپڊا، پوليس، تعليم، صحت، ۽ ٽيڪس کاتو عوام جي خدمت بجاءِ، ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا.

جڏهن هڪ عام ماڻهو عدالت، پوليس يا صحت جي اداري سان واسطو پوي ٿو ته بنا رشوت جي ان ماڻهو جو ڪو ڪم نٿو ٿئي. اهڙي عمل سان عوام جو اعتماد ختم ٿيندو وڃي ٿو. نتيجي طور، ذهين نوجوان ملڪ مان لڏپلاڻ ڪن ٿا، سرڪاري نوڪري کي بدنامي سمجهيو وڃي ٿو، ۽ معيشت مسلسل پٺتي پوندي وڃي ٿي.

ڪرپشن هڪ عالمي مسئلو آهي پر ان جا اثر خاص طور تي انهن ملڪن تي وڌيڪ ٿين ٿا، جتي جمهوريت ڪمزور، ميڊيا تي پابندي ۽ احتساب جو نظام بيڪار هوندو آهي. صوماليا، وينزويلا، شام، ۽ يمن اهڙا ملڪ آهن، جتي ڪرپشن سان گڏ نااهلي، جنگ، بيروزگاري ۽ غربت عام آهي. اتي جون حڪومتون ڪرپٽ عنصرن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪنديون آهن.

ملڪن تي ڪرپشن جا اثر:

* معاشي تباهي: ٻاهرين سيڙپڪاريءَ جي گهٽتائي، ڪاروبار جي تباهي ۽ بيروزگاريءَ ۾ واڌارو ٿئي ٿو.

* سماجي بگاڙ: تعليم، صحت، خوراڪ ۽ صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي.

* سياسي بيچيني: ماڻهن جو سياست تان اعتماد ختم ٿي وڃي ٿو. ملڪ احتجاجن ۽ افراتفري جي ور چڙهي وڃي ٿو.

* ذهني غلامي: عوام ۾ مايوسي ۽ بي حسي پکڙجي ٿي. ماڻهو غيرقانوني طريقن کي درست سمجهڻ لڳن ٿا.

ڪرپشن جي خاتمي جا حل ۽ تجويزون:

آزاد ۽ بااختيار ادارا: احتساب، نيب، ايف آءِ اي ۽  عدالتن کي سياسي اثرن کان پاڪ بڻائڻ.

شفافيت: هر سطح تي آمدني ۽ خرچن جي رپورٽ، سرڪاري منصوبن ۾ عوامي نگراني کي اهميت ۽ آگاهي ڏيڻ.

تعليم: ماڻهن کي سندن حقن، قانونن، ۽ اخلاقي ذميدارين بابت تعليم ڏيڻ.

صحافت ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار: ڪرپٽ ماڻهن کي بي نقاب ڪرڻ، عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ.

ٽيڪنيڪل حل: ڊجيٽل گورننس، اي-گورنمينٽ سسٽم، آن لائين پبلڪ سروسز.

نوجوانن جي شموليت: ڪرپشن خلاف مهمن ۾ شاگردن، نوجوانن، ۽ سماجي ورڪرن کي حصيدار بڻائڻ..

ڪرپشن جو خاتمو فقط قانون سازي يا قانون کي لاڳو ڪرڻ سان ڪونه ٿيندو، بلڪه ان لاءِ قومي شعور، اجتماعي ذميواري ۽ ايمانداريءَ سان ئي اهو ڪم ممڪن ٿي سگهي ٿو. قومن کي گهرجي ته هو پنهنجي ماضي مان سبق حاصل ڪن ۽ پنهنجي حال کي سڌاريندي مستقبل کي محفوظ بڻائين. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن هر فرد پنهنجي جاءِ تي ايمانداري سان ڪم ڪري، ڪرپشن جي خلاف آواز اٿاري، انصاف، شفافيت ۽ برابريءَ تي ٻڌل سماجي نظام قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪري.