ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري نگران وزير مبين جماڻي چيو آهي ته اسان وٽ جادو جي ڪا لٺ ناهي جو ڪرپشن کي هڪ ڏينهن ۾ ختم ڪري ڇڏيون، انهي باوجود به مڪاني کاتي جي ماتحت ادارن مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، جنهن جا اثر به نظر اچي رهيا آهن. ڪالهه هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنهن به اداري ۾ تيستائين ڪو غلط ڪم نٿو ٿي سگھي، جيستائين ان ۾ ڪو ادارو ملوث نه هجي، هن چيو ته فائربرگيڊ کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  هن چيو ته فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ سيفٽي تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، ان حوالي سان سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارا شاپنگ مالز، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ فائر سيفٽي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.  هن چيو ته آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته ماضي ۾ جيڪي غلط ڪم ٿي رهيا هئا،  اهي هاڻ نه پيا ٿين. سنڌ بلڊنگ ڪنٽڙول اٿارٽي سميت ٻين ادارن مان گوسڙو ملازمن جو خاتمو آندو آهي. غيرقانوني عمارتن کي ڊاٺو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ پهريان ايجنٽ گھمندا هئا پر هاڻ اتي اهڙي صورتحال ناهي، هن چيو ته اسان جي دور ۾ 70 کان وڌيڪ غيرقانوني هائيڊرنٽس سيل  ٿيا آهن.