لاهور (م ڊ) آءِ جي پنجاب پوليس جي حڪمن تي فوري طور ڪرپشن ۾ ملوث ايس ايچ اوز کي هٽائڻ جو سلسلو جاري آهي، سڄي پنجاب ۾ 62 ايس ايچ اوز کي هڪ ئي ڏينهن ۾ معطل ڪيو ويو. پوليس رپورٽ موجب 62 ايس ايچ اوز کي سندن عهدن تان فوري طور هٽايو ويو. 48 ايس ايچ اوز جي فهرست سينٽرل پوليس آفيسر ڏانهن موڪلي وئي هئي، جڏهن ته 14 ايس ايچ اوز کي ضلعن جي آفيسرن پاڻ پنهنجي رپورٽ تي هٽايو. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ فيصل آباد کان 8 ايس ايچ اوز کي معطل ڪيو ويو، لاهور جي 7 ايس ايچ اوز، شيخوپوره ۽ قصور جي 4-4، گجرات، ننڪانه، راولپنڊي، جهلم، خانيوال ۽ بهاولنگر جا 3-3 ايس ايچ اوز معطل ڪيا ويا. بهاولپور، پاڪپتن ۽ سرگوڌا جي 2-2 جڏهن ته سيالڪوٽ، منڊي بهاو الدين، اٽڪ، چڪوال ۽ خوشاب جو هڪ هڪ ايس ايڇ او معطل ڪيو ويو. آءِ جي پنجاب جن ايس ايچ اوز تي ڪيس آهن انهن کي فوري طور هٽائڻ جا حڪم جاري ڪري رکيا آهن.