لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ نون ليگ جي صدر نواز شريف چيو آهي ته ڪرپشن، معاشي تباهي، مهانگائي ۽ بدتميزي ” تبديلي“ جا تحفا هئا ۽ تبديلي جي نالي تي معيشت ۽ قدر تباهه ڪيا ويا، نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان صبائي اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ساهيوال، خانيوال، ملتان، وهاڙي، بهاولنگر ڊويزن جا ايم پي ايز شامل هئا. اجلاس ۾ عوامي ڀلائي وارن منصوبن ۽ مستقبل جي سياسي حڪمت عملي تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چئي ڇڏيو هو پر بدقسمتي آهي جو ترقي ڪندڙ ملڪ پٽڙي تان لاٿو ويو. هن وڌيڪ چيو ته سياست ۾ گند شامل ڪري ان کي تباهه ڪيو ويو ۽ ڇڙواڳي، بدتميزي، ساڙ ۽ انتقام کي سياست بڻايو ويو، معيشت ۽ قدر تباهه ڪيا ويا، جهموريت جي پٺيءَ ۾خنجر هنيو ويو.