ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار وجي ورما جو چوڻ آهي ته ڪرينا ڪپور سان گڏ رومينٽڪ سينز ڪندي نروس هيس، ويب سيريز “ڌاڙ” سان مقبوليت ماڻيندڙ اداڪار وجي ورما ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪاره ڪرينا ڪپور جي تعريف ڪئي، اداڪار جو چوڻ هيو ته فلم “جان جان” ۾ ڪرينا ڪپور سان گڏ ڪم ڪيو، ساڻس رومينٽڪ سينز ڪندي نروس هيس، منهنجا ته پگهر نڪري آيا هئا، ڪرينا ڪپور هڪ سيڪيور ايڪٽر آهي، وجي ورما کان جڏهن ڪرينا ڪپور طرفان سندس تعريف ڪرڻ بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته منهنجي تعريف ڪرڻ ڪرينا ڪپور جي وڏائي آهي، سندس تعريف سان خوشي ٿي، سيف علي خان طرفان ڏنل ڪمينٽس به حوصلو ڏياريندڙ هئا، اداڪار چيو ته ڪرينا ڪپور عمده اداڪاره آهي ۽ کيس ڪنهن به قسم جو عدم تحفظ جو احساس ناهي، پنهنجي لاءِ سندس تعريفي لفظ ٻڌي لڄ ٿئي ٿي.