ڪريم بخش کوسو (ن پ ا) ڪريم بخش کوسو پوليس شهر ۽ ڀرپاسي ۾ غير قانوني هلندڙ پئٽرول پمپن تي ڇاپا هڻي 4 پمپ بند ڪرائي ڇڏيا، پوليس پمپن تي ڪم ڪندڙ 4 ڄڻن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته پئٽرول پمپس کي سرڪاري ليٽر نه هجڻ سبب بند ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته غير قانوني هلندڙ پئٽرول پمپن تي ايراني ڊيزل وڪرو ٿي رهي هئي جنهن ڪري پوليس ڪارروائي ڪئي، هوڏانهن ذريعن موجب ڏيتي ليتي بعد پوليس بند ڪيل سمورن پئٽرول پمپس کي کولي گرفتار ڪيل 4 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو.