باھوکوسو (ن پ ا) ڪريم بخش کوسو جا رھواسي 2 سڳا ڀائر بلوچستان جي علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿان قتل، منگولي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمع خان بروھي لڳ 2 سڳا ڀائر امتياز بروھي ۽ مشتاق بروھي ڊيرامراد جمالي کان مزدوري ڪري موٽرسائيڪل تي ڳوٺ جمع بروھي وڃي رھيا ھئا ته موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري ٻنھي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پھچي ٻنھي مقتول ڀائرن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.