تائيوان(انٽريسٽنگ نيوز) ڪروڙ پتي شخص پنهنجي سموري دولت گهرڀاتين بدران سندس خيال رکندڙ نوجوان کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب تائيوان ۾ سن ڊريورنگ نالي ڪروڙ پتي شخص پنهنجي سموري دولت جيڪا لڳ ڀڳ 94 لک ڊالر ٿئي ٿي هڪ 19 ورهين جي نوجوان کي ڏيڻ جو اعلان ڪري گهر ڀاتين کي حيران ڪري ڇڏيو. نوجوان يوٽيوبر زينگ شائون 63 ورهين جي سن ڊريونگ جو ڪينسر جي بيماري ۾ خيال رکيو، سن ڊريونگ ۾ 2013 دوران مثاني ۾ ڪينسر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن بعد نوجوان زينگ شائون سندس مڪمل خيال رکيو، گذريل آگسٽ مهيني ۾ امير شخص نوجوان کي پٽ بڻجڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول ڪري ورتي جنهن بعد سن ڊريونگ پنهنجي سموري  دولت کيس ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي نوجوان زينگ شائون جو چوڻ هو ته هو وڏي عرصي کان سن ڊريونگ کي پنهنجو پيءُ سمجهي ٿو انڪري سندس سار سنڀال لهڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو.