ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي ڀرسان اڪري ٿاڻي جي حد مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي محمد شاهه اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو ٻن  موٽر سائيڪلن کي ٽڪر لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ اڪري چودڳي جي ڳوٺ عطر شر واسي15 سالن جو علي جان پٽ گدا حسين شر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏھن ته دلشاد ابو پوٽو زخمي ٿي پيو، فوتي نينگر جو لاش ۽ زخمي کي ڪرونڊي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان قانوني ڪارروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته  ٽرڪ ڊرائيور کي شهرين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.