ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي ۾ گذريل ڏينهن  8 سالا ٻارڙي سان زيادتي ڪوشش واري واقعي خلاف جسقم ڪارڪنن ۽ وارثن احتجاجي ريلي ڪڍي مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ارشاد ملاح، عطا حسين شر، خادم شر، امداد ڪلهوڙو، پٺاڻي ۽ ٻين چيو ته اڪري چودڳي پوليس جوابدار خلاف وارثن جي مرضي موجب ڪيس  داخل ناهي ڪيو، رڳو معاملي کي ٽارڻ لاءِ سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو اسان کي قبول ناهي، هنن چيو ته پوليس جوابدار کي بچائڻ چاهي ٿي، هنن چيو ته اڪري پوليس نالي ماتر ڪوڪو جوابدار جي ڄنگهه ۾ هڻي اسان کي چئي ٿي ته جوابدار هاف فراءِ ٿيو آهي پر اها ڪهڙي گولي آهي جو جوابدار کي لڳي ئي ناهي، هنن چيو ته پوليس جي رويي مان لڳي ٿو ته پوليس جوابدار کي بچائڻ  خاطر سندس ڌر بڻيل آهي، هنن چيف جسٽس سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.