ڪرونڊي (رپورٽ: عبدالرحمان چانگ) فيض گنج ۾ تعليمي ايمر جنسي جي پت وائکي ٿي وئي، ڪرونڊي لڳ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بصيرو ۾ پڙھائي دوران اٺين ڪلاس جي ڪمري جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ اٺين درجي ۾ پڙھندڙ 10 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا زخمي شاگردن ۾ جواد شيخ، سلام الدين، شفيق ، خالد،ذوهيب، مبارڪ علي، گلزار، انصار، فراز،حسن راڄپر ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي هوڏانهن اسڪول انتظاميه موجب ڪافي وقت کان وٺي اسڪول جو مرمتي ڪم نه ٿيو آهي جنهن ڪري چاپڙ ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي اسڪول انتظاميه موجب اسان اهڙيون شڪايتون اعليٰ اختيارين کي پڻ ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي، ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو اهڙي معاملي جو نوٽيس وٺندي گورنمينٽ هاء اسڪول بصيرو جي ڇت ڪرڻ ۽ شاگردن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي ٽي اي او محمد منير راڄپر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڊي اي او خيرپور موجب اسڪول جي عمارت جي زبون حالي جي رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ ايڪسين ايجوڪيشن ورڪس ڏانهن موڪلي ويندي، ڊي اي او خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو موجب اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙن جي زخمي ٿيڻ تي وڏو افسوس ٿيو آھي، زبون حال اسڪولي عمارت بابت سيڪريٽري تعليم کي به آگاھ ڪيو ويندو، ٻئي طرف گسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر حاجي محمد اشرف خاصخيلي پڻ اهڙي واقعي تي افسوس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تعليم کاتي جون ايمرجنسي واريون سموريون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن، سنڌ اندر اڪثر اسڪولن جون عمارتون زبون بڻيل آهن.