ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي لڳ ڊگري ڪاليج وٽ مهراڻ هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ لوڊر رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لوڊر رڪشا تي سبزي کپائي گذر سفر ڪندڙ پورهيت ڳوٺ غلام حسين شر واسي صدر الدين شر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته نور محمد عرف ڪراڙو مگسي شديد زخمي ٿي پيو، پورهيت جو لاش ۽ زخمي کي پڪاچانگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.