ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي لڳ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حسين پاتو۾ راندين جو هفتو ملهايو ويو جيڪو پڄاڻي تي پهتو جنهن ۾ مختلف ڪلاسن جي شاگردن پاڻ ۾ مختلف راندين ڪرڪيٽ.والي بال.رساڪشي، ڊوڙ، ونجهه وٽي، اسپون ريس، فروٽ کائڻ واري راند سميت مختلف رانديون ٿيون راندين جي مقابلي ۾  ونجهه وٽي جي راند سچل هائوس ۽ ڀٽائي هائوس وچ ۾ ٿي جيڪا ڀٽائي کٽي ورتي  جڏھن ته والي بال قلندر هائوس  ۽ سچل هائوس ۾ ٿيو جنهن سچل هائوس جي شاگردن کٽي ورتو  جڏھن ته ڪرڪيٽ راند جو مقابلو  قلندر  ۽ سچل هائوس  جي شاگردن وچ ۾ ٿيو جيڪو سچل هائوس جي شاگردن کٽي ورتو جڏھن ته  200 ميٽر ڊوڙ جو  مقابلو بخاري۽ قلندر هائوس وچ ۾ ٿيو جيڪو بخاري هائوس کٽي ورتو جڏھن ته رسي ڇڪڻ واري راند سچل هائوس کٽي ورتي  اهڙي طرح اسڪول ۾ اسپون ريس،ڪوڏي ڪوڏي، ميوا کائڻ، ڦوڪڻا ڦوڪڻ واري راند سميت ڪيتريون ئي رانديون کيڏيون ويون جن ۾ اسڪول جي شاگردن نعمان، حامد، شڪيل، خليل، سعدالله، عبدالله ۽ ٻين حصو ورتو جڏھن ته راندين جي فاتح ٽيم کي اسڪول انتظاميه طرفان انعام ڏنا ويا.