ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊيءَ لڳ موٽرسائيڪل واٽر ڪورس ۾ ڪِري پئي، نينگر ٻُڏي فوت ٿي ويو. ڪرونڊيءَ جي ڳوٺ جعفر خان راڄپر واسي 9 سالن جي غلام علي پٽ عطا محمد راڄپر کي بخار اچڻ سبب اسپتال نيو پئي ويو ته ڳوٺ ڀرسان واٽر ڪورس تي رکيل کجيءَ جي ڪاٺيءَ تان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري معصوم نينگر غلام علي راڄپر پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويو. گهڻي ڳولا بعد لاش هٿ ڪيو ويو. فوتي ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ هو ته نينگر کي بخار بعد ڊاڪٽر ڏانھن کڻي  وڃي رھيا ھئاسين ته ڄاڻايل واقعو پيش آيو. واضح رھي ته ڳوٺ بصيرو ۽  ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن، ڪنهن به ايمرجنسيءَ ۾ پاڻي جهاڳي شهر تائين پهچڻ وڏو امتحان بڻيل آهي.