ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور فلمساز ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر پنهنجي ننڍپڻ ۽ نوجواني بابت حيرت انگيز انڪشاف ڪيا آهن. ڪرن جوهر هڪ انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو ته هن نوجواني ۾ مردانگي واري لهجي ۽ چال هلائڻ لاءِ 2 سال تربيت ورتي. ڪرن جوهر چيو ته ننڍپڻ کان ئي هو ڇوڪري وانگر ڳالهائيندو هو، جنهن جو سڀ مذاق اڏائيندا هئا، پر منهنجي پيءُ منهنجو خيال رکيو ۽ مون کي مصيبت مان ڪڍيو. فلمساز ڪرن جوهر ان دور کي ياد ڪندي چيو ته سندس پڙهائي دوران هڪ استاد کيس ڊانٽ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هو زناني لهجي ۾ ڳالهائيندو رهيو ته مستقبل ۾ کيس مسئلا درپيش ايندا. ڪرن جوهر جي مطابق، استاد مون کي هدايت ڪئي ته مان پنهنجو لهجو تبديل ڪريان ۽ مردانگي واري انداز ۾ ڳالهائڻ جي مشق ڪريان. فلمساز وڌيڪ چيو ته مون ٻن سالن تائين مردانه ٻولي تي ڪلاس ورتا، پر مون پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته مان ڪمپيوٽر جون ڪلاسون وٺي رهيو آهيان. ڪرن جوهر چيو ته 3 سالن جي محنت کان پوءِ، منهنجي آواز ۽ چال ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي. جنهن کي خاندان پاران پڻ ساراهيو ويو. جڏهن ته، ڪرن جوهر چيو ته جيڪڏهن ڪو مون کان هاڻي پڇي ته مان هي چوندس: پاڻ کي اهڙو ڏيکاريو جيئن توهان آهيو. ڪنهن لاءِ پاڻ کي نه بدلايو. ياد رهي ته 52 سالن جي ڪرن جوهر اڃا تائين شادي نه ڪئي آهي، پر سروگيسي ذريعي سندس ٻه ٻار، يش ۽ روحي آهن.