پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ايپيڪس ڪاميٽي پاران ڪرم ضلعي ۾ بنڪرز ختم پرتشدد ڪارروايون بند ۽ هٿيار جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ آءِ جي سوڌو ٻين شرڪت ڪئي، ڪاميٽي کي ڪرم ۾ امن امان ۽ گرينڊ جرڳي وسيلي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪرم ۾ جهيڙيندڙ ٻئي ڌُريون هٿيار جمع ڪرائينديون، ڌُريون 15 ڏينهن ۾ رضاڪاراڻي طور هٿيار جمع ڪرائڻ لاءِ لائحه عمل ڏينديون، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته امن امان لاءِ وفاقي سرڪار به سهڪار ڪري، امن جي معاملي تي ڪابه سياست نه ٿيڻ گهرجي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪرم ۾ امن جو قيام پهرين ترجيح آهي، صوبي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه وڌائڻ لاءِ سهڪار ڪيو ويندو.