پشاور(م ڊ) ڪرم جي علائقي سده ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنگ آپريشن به ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ضلعي ڪرم جي علائقي سده ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگ سان ٽڪرائي، 5 جوان حوالدار عقيل احمد، لانس نائيڪ محمد طفير، سپاهي انوش رفون، سپاهي محمد اعظم خان سپاهي هارون وليم شهيد ٿيا، علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، ترجمان موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.