پشاور/ ڪرم(م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ستن ڏينهن واري جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي وئي، قبائلي وري وڙهي پيا، ڌرين ۾ شديد فائرنگ دوران وڌيڪ 43 ماڻهو مارجي ويا، هڪ هفتي کان پرتشدد واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ 100 کان ٽپي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب هڪ ڌر پوليس جي حفاظت ۾ ٻن قافلن مٿان حملو ڪيو ويو، گهٽ ۾ گهٽ 43 ماڻهو قتل ٿيا، صوبائي عملدارن هفتي جي جنگبندي جو اعلان ڪيو هو پر اها برقرار نه رهي سگهي. مقامي حڪومت جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جا اطلاع آهن. مقامي قبائلي اڳواڻ هڪ نئين جنگبندي تي ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪي ڏينهن ٻن ۾ ٿي وينديون. 43 ماڻهو مرڻ کانپوءِ صورتحال ڪنٽرول مان نڪري وئي، ڌريون هڪٻئي خلاف مورچابند ٿي ويون، هڪٻئي خلاف لشڪر ڪشي به ڪئي، گهرن ۽ دڪانن کي به نقصان رسايو ويو. ڪرم ضلعي جي ٽن هنڌن اپر ڪرم جي ڳوٺ ڪنج عليزئي ۽ مقبل لوئر ڪرم جي بالش خيل ۽ خارڪلي سميت لوئر عليزئي ۽ بگن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دير تائين جاري رهي. علائقن ۾ ڏهڪاءَ واري صورتحال رهي. ڪيترن ئي ڳوٺن مان لڏپلاڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، ذريعن موجب هن وقت تائين ڪيترائي خاندان ٽل پهچي چڪا آهن.