ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ٺل بي سيڪشن جي حد مان اغوا ٿيل سوئي گيس جا 3 ملازم بازياب ٿي ويا، هفتو اڳ هٿياربندن سوئي گيس ملازمن انجنيئر عبدالقيوم، ٽيڪنيشن زاهد ابڙو ۽ گارڊ اصغر نوناري کي اغوا ڪيو هو، ذريعن موجب آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ايس ايس پي ڪشمور جي نگراني ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن ناڪام ٿيڻ بعد پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون، راڄوڻي ڪوششن ذريعي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڊيل ڪامياب ٿيڻ بعد مغوين جي بازيابي عمل ۾ آئي، ڊيل تحت پوليس عورتن سميت ڏوهارين جا گرفتار ٿيل سڀ ماڻهو آزاد ڪندي ۽ وڌيڪ آپريشن نه ڪيو ويندو. جنهن بعد ڌاڙيلن ٽنهي مغوين عبدالقيوم، زاهد ابڙو ۽ اصغر نوناري کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رھي ته ھڪ ھفتو اڳ ھٿياربندن ھٿان پوليس اھلڪار مقيم کوسو جي شھيد ٿيڻ بعد ايس ايس پي جيڪب آباد جي اڳواڻي ۾ پوليس ڏوهارين جا گھر ڊاھي پٽ ڪيا ۽ عورتن سميت ڪجھه ماڻھو گرفتار ڪيا، پلاند ۾ ڏوھارين سوئي گيس جا 3 ملازم اغوا ڪيا هئا.