ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل ٻن ڄڻن جو ڪيس 10 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو، هڪ ڏينهن اڳ هٿان قتل ٿيل علي حيدر اوڳاهي ۽ مسمات راضل خاتون جو ڪيس ڪرمپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، مقتول علي جي پٽ عرفان اوڳاهي جي فرياد تي 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ محمد يعقوب اوڳاهي، علي گل،عطاءُ الله،جميل،نظير، عبدالله، عبدالرحيم ۽ علي اڪبر ٻين کي نامزد ڪيو ويو، فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن جو سندن ذات جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ هو، اسان جو جهيڙي سان ڪو به واسطو نه هو،  هنن حملو ڪري منهنجي والد علي حيدر ۽ چاچي راضل خاتون کي بيگناھ قتل ڪيو آهي، ساڻن انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته پوليس ٻٽي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.