ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي، ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان 35 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل شڪيل پٺاڻ جي بازيابي لاءِ وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين مغوي جي والد عبدالله ۽ گلزار پٺاڻ ۽ رفيق پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ سي پي شاخ پوليس چوڪي وٽ ڌرڻو انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، هنن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي شڪارپور 35 اڳ ڏينهن دلاسا ڏيندو رهيو پر مغوي جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، شڪارپور پوليس ڌاڙيلن سان مليل آهي، ڌاڙيل 30 لک رپيه ڀنگ گهري رهيا آهن.