ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور واسي هندو واپاري اجئي ڪمار بدامني سبب ديس ڇڏي، فيملي سميت ڀارت روانو. اجئي جي والد انيل ڪمار جو چوڻ هو ته  جنم ڀومي ڇڏڻ ڏکيو آهي پر هتي هاڻي جان بچائڻ به مشڪل ٿي وئي آهي. ڪرمپور باءِ پاس تي هندو واپاري جي ڀارت روانگي وقت ماحول ڏکارو ٿي ويو، ان موقعي هندو پنچائت اڳواڻ ٺارچند بالاڻي چيو ته ڪرمپور سميت ڪشمور ضلعو بدامني جي باھ ۾ ٻري رهيو آهي، هرطرف خوف واري صوتحال آهي شهر ڳوٺ توڙي روڊ رستا ڏوهارين جي حوالي آهن، حڪومت جي رٽ نظر نه ٿي اچي ڪاروبار نه ٿا ڪري سگهون، سماجي اڳواڻ بابو لال ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هتي پنهنجو مال ته ڇا پر هر ماڻهو کي جان بچائڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، جيڪڏهن حڪومت بدامني خلاف اپاءَ نه ورتا ۽ صورتحال بهتر نه ٿي ته ايندڙ ٿوري وقت ۾ هندو برادري جا ڪيترائي خاندان سنڌ ڌرتي کي ڇڏي ڀارت لڏي ويندا. ياد رهي ته هڪ سال دوران 12 هندو خاندان ڪرمپور مان ڀارت لڏي وڃي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي خاندانن جون ويزا لاءِ درخواستون پڻ ڏنل آهن. ڀارت لڏي ويل اجئه ڪمار سميت 7 فرد شامل آهن، جن ۾ اجئه ڪمار جي والده،  گهر واري سندس سنڍو اميش ڪمار ۽ ٻن ٻارڙن سميت 7 فرد آهن، جيڪي جنم ڀومي ڇڏي ڀارت روانا ٿي ويا.