ڪرمپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ واسي نوجوان وقار حسين کچي جي وڊيو سامهون اچي وئي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ مغوي نوجوان زخمي حالت ۾ زنجيرن سان جڪڙيل نظر اچي رهيو آهي، وارثن کي پيغام ڏيندي مغوي چيو ته ڌاڙيلن کي 30 لک روپيا ڏئي مون کي آزاد ڪرايو، ڌاڙيلن مراد واهڻ مان اغوا ڪيو هو، ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو آهي، پئسا نه ملڻ تي ماري ڇڏيندا