ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور جي صحافي ۽ ساٿين کان هٿياربندن پاران ڦر جي ڪوشش مزاحمت تي صحافي جا 3 سئوٽ شديد زخمي پوليس پهچڻ تي مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، صحافي علي شير جعفري ڪار تي شهر کان ڳوٺ وڃي رهيو هو ته ڪرمپور مگسي روڊ تي هزارو شاخ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب صحافي جا 3 سئوٽ ميرحسن، علي گل ۽ الياس جعفري زخمي ٿي پيا، پوليس پهچڻ تي هٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڦورو عابد نندواڻي ۽ عيدن نندواڻي مارجي ويا صحافي علي شير جعفري ٻڌايو ته شهر کان واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين ته 6 هٿياربندن اڳ جهلي ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي هٿياربندن سڌيون گوليون هڻي ٽن ڄڻن کي زخمي ڪيو جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ سکر اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي شبيرآباد ٿاڻي جي انچارج اعجاز کوسو ٻڌايو ته پوليس مقابلي ۾ ٻه ڏوهاري عابد نندواڻي ۽ عيدن نندواڻي مارجي ويا آهن، مارجي ويل ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل آهن، مارجي ويل ڏوهارين جا لاش ساٿي کڻي ويا آهن، مارجي ويل ڏوهارين جا لاش هٿ ڪرڻ لاءِ پوليس پاران ڪوشش جاري آهي جلد لاش هٿ اچي ويندا خبر هلڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.