ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل سليمان جعفري کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.  قتل ٿيل سليمان جعفري ۽ عورت سميت  ٽن زخمين جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪرمپور ٿاڻي تي مقتول سليمان جي ڀاءُ غلام حيدر جعفري جي فرياد تي 13 سڃاتل ۽ 3 اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ الهوسايو، نورحسن، پرويز، لعل محمد، علي خان، نندواڻي، رحم علي، معشوق، علي شير، شڪاري، گل حسن، گل محمد عيسي’۽ مختيار چولياڻي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو.فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن حملو ڪري چوپايو مال ڦر ڪيو، پيڇو ڪرڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سليمان جعفري قتل ٿي ويو، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته زخمين جو سکر اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.