ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ مھراڻ بجاراڻي وٽ ھٿياربندن مسافر بس کي روڪي سڀني مسافرن کان ڦر ڪري ويا، ڪرمپور کان ٺل روٽ تي ھلندڙ مري بس کي هٿياربندن روڪي 30 کان وڌيڪ مسافرن کان روڪ رقم،موبائيل فونز ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا، ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 ھٿياربندن بس کي روڪي بس ۾ سوار مردن ۽ عورتن کان به ڦر لٽ ڪئي، ٻي طرف مسافرن جون پوليس آڏو احتجاج ڪندي دانھون ڪندي چيو ته بدامني چوٽ چڙھيل آھي پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي سڀ روڊ رستا ڏوھارين جي حوالي  ٿيل آھن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.