ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي ٿي پيو، ڳوٺ نصرالله بجاراڻي ۾ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ فقيرمحمد چولياڻي ۽ سندس پٽ بهرام چولياڻي زخمي ٿي پيا، جن کي وارثن طرفان کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي بهرام چولياڻي دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويل بهرام چولياڻي لاش واپس ڪرمپور آندو ويو ،پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته ياسين چولياڻي ۽ فقيرمحند چولياڻي جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙي ۾ ڳاڙھي ڌر جا ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان بهرام چولياڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.