ڪرمپور ويجھو هٿياربندن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني: اهلڪار شهيد

0
18
ڪرمپور ويجھو هٿياربندن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني: اهلڪار شهيد
ڪرمپور ويجھو هٿياربندن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني: اهلڪار شهيد

ڪرمپور/ٺل(نمائندن وٽان) ڪرمپور ڀرسان هٿياربندن جي پوليس تي فائرنگ، اهلڪار شهيد ٿي ويو، ڪرمپور ٿاڻي جي حد اقبال لاڙي وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٺل بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موبائيل مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب پوليس اهلڪار مقيم کوسو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس اهلڪار مقيم کوسو سکر جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب ڏوهارين جي اطلاع تي اقبال لاڙي وٽ بيٺل هئاسين، هٿياربندن فائرنگ ڪئي ته مقابلو ٿي پيو، کرڙو شاخ تي بيٺل ٺل بي سيڪشن پوليس مدد لاءِ پهتي ته جوابدار فرار ٿي ويا، واقعي جي ڪرمپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.