ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان جمال واري علائقي ۾ ٻه ڏينهن اڳ هٿياربند جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪرمپور ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 12 جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ڪيس ۾ الهيار نندواڻي، يارمحمد، نواب، نصرالله نندواڻي، حسن بنگلاڻي، نيڪ محمد،جهرو بنگلاڻي سميت چار نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.