ڪرمپور/خانپور/رستم (نمائندن وٽان) ڪرمپور واسي اغوا ٿيل 9 پورهيت بازياب نه ٿي سگهيا، وارث خوف ۾ ورتل، راڄوڻي جون ڪوششون، وارثن طرفان ڪچي وڃڻ جو چتاءُ، ناپرڪوٽ پوليس اغوا ٿيل ديدار ملڪ، نظام، هزارو، حضوربخش، امام بخش، حفيظ ملڪ, سهيل شيخ, رمضان ۽ جمعو چاچڙ کي بازياب نه ڪرائي سگهي، اغوا ٿيل 9 پورهيتن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، سندن وارث سخت پريشان آهن، وارث ڪچي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي وڃڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا آهن، هوڏانهن پوليس پاران مغوين جي بازيابي لاء راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل فون ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ لاء چئي رهيا آهن ٻئي طرف پوليس روڊ تي ڌرڻو هڻڻ جي صورت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي ،غريب آهيون ڪجھ به نه ٿا ڪري سگهون ڌاڙيلن کي خدا جا واسطا ڏيئي رهيا آهيون. ٻي طرف شڪارپور پوليس جو چوڻ آهي ته اسان آپريشن ڪري ڏوھارين جي چيلھ ڀڃي ڇڏي آهي ڏوھارين کي لڪڻ لاء جڳھ نٿي ملي تنهنڪري اغوا جو ڊرامو رچائي پوليس تي پريشر رکن ٿا اسان ڪڏھن به ڏوھارين جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين
مغوين جون زندگيون خطري ۾ آهن، پوليس سنجيده ناهي: وارث
رستم: مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته شڪارپور پوليس پورهيتن جي بازيابي جي لاءِ سنجيدگي اختيار نه پئي ڪري، مغوين جي زندگين کي خطرو آھي، کين بازياب ڪرايو وڃي.
پورهيتن جي اغوا جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو
خانپور: اغواٿيل پورھيتن جي وارثن پنھنجن مغوين جي بازيابي لاءِ علائقي جي بااثر ماڻھن سان رابطا شروع ڪري ڏنا آھن ته جيئن پورھيت مغوين کي بازياب ڪرائي سگھجي، جڏهن ته اغوا ٿيلن جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي
اغوا ٿيل پيءُ پٽ کي به پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي
خانپور: خانپور ويجهو ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ڪرمپور واسي نون پورھيتن سميت مغوين جو انگ وڌي يارنھن ٿي ويو آهي، مغوين جي وارث انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ جي به ڪوشش ڪئي، اغوا ٿيل مزدور ڪامورو اوڏ سندس معصوم پٽ انصاف اوڏ کي به پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوين جي وارثن چيو ته پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.
ٽنڊو غلام حيدر لڳ رٽائرڊ فوجي اغوا، زنجيرن ۾ جڪڙيل وڊيو وائرل
ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر جي مويا شھر ويجهو ڳوٺ وسايو رند جي رھواسي رٽائرڊ فوجي مٺن رند ڌاڙيلن هٿان اغوا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل جنهن م مغوي ڌاڙيلن وٽ زنجيرن م جڪڙيل قيد نطر اچي پيو، وارثن کي اپيل ڪندي چوي ٿو 50 لک روپيا ڀنگ ڏئي جان ڇڏايو ، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته مغوي فوج مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد پوليس ۾ ڀرتي ٿيو بعد ۾ رٽائر فوجين کي پوليس مان برطرف ڪيو ويو هو، ڪجهه ڏينهن آڳ هن وارثن کي چيو ته اسان پوليس مان برطرف ڪيل رٽائر فوجي سکر ھاءِ ڪورٽ ۾ نوڪرين جي بحالي لاءِ پٽيشن داخل ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ هو سکر روانو ٿيو هو جنهن کي 15 ڏينھن گذري ويا جنهن بعد سندس پٽ کي سندس ئي فون نمبر تي رابطو ڪرايو ويو جنهن ۾ هن وارثن کي چيو ته آئون ڪچي م ڌاڙيلن وٽ قيد آهيان پنجاھ لک جي ڀنگ ڏئي آزاد ڪرايو، جيڪا وڊيو وائرل ٿي هئي مغوي جي نمبر تان وارثن ڏانهن موڪلي وئي، ھوڏانھن حد جي مويا پوليس موجب مغوي جا وارث ٿاڻي تي اهڙي قسم جي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ آيا هئا
ميرپورخاص مان اڍائي مهينا اڳ مبينا اغوا ٿيل نينگري بازياب
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي مهراڻ ٿاڻي جي حد مان اڍائي مهينا اڳ اغوا ٿيل نينگري بازياب، جوابدار گرفتار خبر موجب مهراڻ ٿاڻي جي حد مان اڍائي مهينا اڳ شريمتي انجلي نالي نينگري کي چئن ڄڻن مبينا طور تي اغوا ڪيو هو، جنهن جو ڪيس سندس والد جي فرياد تي مهراڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد ايس ايس پي شبير سيٺار، ڊي ايس پي سٽي عبدالغفور خاصخيلي، ڊي ايس پي يو ٽي طلال خان، ايس ايچ او مهراڻ ۽ آئي ٽي سيڪشن تي ٻڌل ٽيم جوڙي انجلي کي بازياب ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، ايس ايس پي پاران جوڙيل ٽيم گذريل ڏينهن ڪاروائي ڪري انجلي کي بازياب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار سنيل کي به گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، باقي 3 جوابدار هٿ نه اچي سگهيا آهن، پوليس موجب ڇوڪري کي وومين ٿاڻي تي پوليس حفاظت ۾ رکيو ويو آهي جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.