ڪرمپور ويجهو ڳڙهي تيغو ۾ هٿياربندن پوليس اهلڪار کي اغوا ڪري ورتو

0
296
ڪرمپور ويجهو ڳڙهي تيغو ۾ هٿياربندن پوليس اهلڪار کي اغوا ڪري ورتو
ڪرمپور ويجهو ڳڙهي تيغو ۾ هٿياربندن پوليس اهلڪار کي اغوا ڪري ورتو

ڪراچي: ڪرمپور ويجهو ڳڙهي تيغو ۾ هٿياربندن پوليس اهلڪار کي اغوا ڪري ورتو، پوليس اهلڪار زبير شاهه ڳڙهي تيغو چوڪي کان موٽرسائيڪل تي ٻي چوڪي ڏانهن وڃي رهيو ته هٿياربندن کيس اغوا ڪري ورتو آهي

ايس ايس پي شڪارپور پاران درياهه جي بند تي چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن، ڳڙهي تيغو واري چوڪي تان ماني تيار ڪرائي ٻين چوڪين تائين پهچائي ويندي آهي، زبير ٻي چوڪي ڏانهن ماني کڻي وڃي رهيو هو ته کيس اغوا ڪيو ويو

ايس ايڇ او ناپرڪوٽ ٿاڻي جو چوڻ آهي ته زبير شاهه پوليس ۾ بورچي ڀرتي ٿيل آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو

ٻئي پاسي ڪوٽڙي جي سائيٽ پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻولهاڙي لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿيو

فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار الله بچايو عرف بچو چوهاڻ مارجي ويو، مارجي ويل جوابدار وٽان هڪ پسٽل به هٿ ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل بچو چوهاڻ ساڍا 3 مهينا اڳ شهيد ٿيل هيڊ ڪانسٽيبل غلام قادر کوسو جي قتل ۾ به ملوث هو

ڏيپلو جي ڳوٺ سينهر کوهي ۾ پيرسن شخص جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، 55 سالن جي راءِ چند جو لاش سندس گهر جي اڱڻ ۾ وڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ مليو، علائقي ۾ پيرسن جي آپگهات ڪرڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن

هي به پڙهندا

ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جو قتل: اسسٽنٽ قرت العين گرفتار