ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ۽ غوثپور پوليس هڪ هفتو اڳ اغوا ٿيل جيڪب آباد واسي مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جيڪب آباد واسي نوجوان قاسم انڙ کي هفتو اڳ شڪارپور جي لوڊرا ٿاڻي جي حد مان هٿياربندن اغوا ڪيو هو، مغوي کي ڌاڙيل هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته انڊس هاءِ وي تي موجود گشتي پوليس مقابلو ڪري کيس بازياب ڪرائي ورتو، پوليس موجب ڳڙھي لاڙي ڀرسان فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڌاڙيل مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا.