ڪرمپور (ن پ ا) اڳوڻي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي جو پي اي فوج علي ڏاهاڻي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن هٿان گرفتار ٿي ويو آهي، بجاراڻي هائوس جي ترجمان کي ڪيڊٽ ڪاليج ڀرسان انڊس هاءِ وي تان گرفتار ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ پوليس فوج علي ڏاهاڻي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، بجاراڻي هائوس پاران فوج علي ڏاهاڻي جي گرفتاري جي تصديق ڪئي وئي آهي، بجاراڻي هائوس جي ترجمان کي خانگي گن مين ۽ گاڏي سميت ڪنڌڪوٽ نيو ويو، جتان گن مين ۽ گاڏي کي ڇڏيو ويو ۽ فوج علي ڏاهاڻي کي تحويل ۾ رکيو ويو آهي.