ڪرمپور (ن پ ا)ڪرمپور ويجهو ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل پيرسن قابل چاچڙ بازياب ٿي گهر پهچي ويو، ڪچي ۾ ڪاٺيون کڻڻ لاءِ ويل قابل چاچڙ کي 3 ڏينهن اڳ هٿياربندن اغوا ڪيو هو، ذريعن موجب مغوي جي وارثن پاران علائقي جي چڱن مڙسن معرفت منٿ ميڙ ذريعي مغوي پيرسن جي بازيابي عمل ۾ آئي، پيرسن قابل چاچڙ جي گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ خوشي ڇانئجي وئي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ناپرڪوٽ چيو ته ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون جاري هيون، پوليس جي دٻاءَ ۾ اچي ڌاڙيلن مغوي کي ڇڏي ڏنو آهي.