ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور واسي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب، خبر موجب ڳوٺ نصرالله بجاراڻي واسي مينهل گهنڃو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو، ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن کي فون ڪري 50 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، نوجوان جي والد علي نواز گهنڃو ٻڌايو ته نوجوان گذريل ڏينهن ڪنڌڪوٽ وڃڻ جو چئي گهران نڪري ويو، هو ڪنڌڪوٽ نه پهتو، ڪالهه مغوي جي نمبر تان ڌاڙيلن فون ڪري 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، نوجوان جي موبائيل نمبر جي لوڪيشن ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ اچي رهي آهي، هن ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.