ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور لڳ  ڳڙھي تيغو چوڪي تان اغوا ٿيل زبير شاهه کي ناپرڪوٽ  پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي،  مغوي اهلڪار جي وارثن شجراهه لاڙي وٽ ٽائر ساڙي  3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي عبدالخالق شاهه ۽ ٻين چيو ته 2ڏينهن گذري ويا پر ناپرڪوٽ پوليس اهلڪار جي بازيابي لاءِ ڪجھه ناهي ڪيو،  ڌاڙيلن فون ڪري چيو ته پوليس سندن 3 عورتون گرفتار ڪيون آهن عورتن کي آزاد ڪيو وڃي ته پوءِ  اهلڪار کي ڇڏي ڏينداسين، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اهلڪار کي بازياب ڪرايو وڃي.