ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد امين جعفري ۾ 10 مهينا اڳ پوليس هٿان قتل ٿيل پورهيت غلام حسين جعفري جي قتل جو نبيرو اقبال احمد  بجاراڻي ۽ نور احمد ڀيو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ الزام هيٺ آيل ايس ايچ او غلام  شبير ڀيو مٿان قتل جو ڏوهه ثابت ٿيو، جنهن بعد مٿس 47 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڏنڊ جي رقم 2 لک رپيا مقتول جي ڀاءُ گل حسن جعفري کي ٿڏي تي ڏنا ويا، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.