سکر/ڪرمپور (رپورٽ: فاروق سومرو/سيف الله بجاراڻي) 20 ڏينهن اڳ ڪرمپور ويجهو رشتي لاءِ ويندڙ سکر واسي 5 معصوم ٻارڙن سميت 9 مغوين کي پوليس پاران شڪارپور جي ڪچي مان مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، 9 گهرڀاتين جي بازيابي لاءِ 20 لک رپيا ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول، خبر موجب سکر جي مائڪرو ڪالوني واسي خاندان کي 22 سيپٽمبر  تي رشتو ۽ گهر ڏيکارڻ بهاني گهرائي اغوا ڪيو  ويو  هو، جن جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن مغوين جي نمبرن تان فون ڪري 70 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، 20 ڏينهن کانپوءِ پنج معصوم ٻارڙن سميت 9 ئي مغوي بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن. بازياب ٿيلن ۾ 16 ورهين جو مجيب، 30 ورهين جو فهيم، 28 ورهين جي امبرين، 50 ورهين جي غزالا، چئن ورهين جي سائرهه، پنجن ورهين جي ثانيا، چئن ورهين جو يوسف، هڪ ورهين جي ثمرين ۽ ٻارڙي ڪونج شامل آهن، ايس ايس پي سکر دعويٰ ڪندي چيو ته سکر ۽ شڪارپور پوليس شڪارپور جي ڪوٽ شاهو واري علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪري مغوين کي باحفاطٽ بازياب ڪرايو، پوليس مغوين جي اغوا ۽ ڀنگ واري رقم طلب ڪرڻ بعد مسلسل جديد ٽيڪنلاجي جي مدد سان ڌاڙيلن جو پيڇو ڪري رهي هئا، ايس ايس پي ٻڌايو ته ڪالهه ڌاڙيل پاران مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ متعلق ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، ڌاڙيل پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، پوليس جي حاضر دماغي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ بعد جوابدار مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا، ايس ايس پي سکر مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ پوليس پارٽيءَ کي شاباس ڏني، مغوين جي بازيابي واري اطلاع تي خاندان ۾ خوشي واري لهر ڇائئنجي وئي، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوين جي بازيابي ڊيل تحت ٿي آهي، مغوين جي وارثن کان ڌاڙيلن 70 لک روپيا ڀنگ ورتو آهي، ان حوالي سان مغوين جي وارثن جو ڪو به موقف سامهون اچي ناهي سگهيو.

ڪرمپور پهچڻ بعد هٿياربندن اغوا ڪري اکيون ٻڌي ڇڏيون: گهر ڀاتي

سکر: بازياب ٿيل گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته 20 ڏينهن اڳ جيئن ئي اسان ڪرمپور لاڙي وٽ پهتاسين ته اتان هٿياربندن اسان کي اغوا ڪيو، اکيون ٻڌي هڪ موٽر سائيڪل لوڊر رڪشا ذريعي ڪچي طرف منتقل ڪيو ويو، جتي اسان کي هڪ ڪمري ۾ زنجيرن سان ٻڌي رکيو ويو، هنن ٻڌايو ته ظالمن معصوم پنجن ٻارڙن کي به زنجيرون هڻي تشدد جو نشانو بڻايو، مغوين موجب اتي موجود مردن ۽ عورتن پاران روزانو تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو، کائڻ لاءِ سڪل ماني ڏني ويندي هئي، چيو ويندو هو ته توهان کي شمشاد جاگيراڻي وڪرو ڪيو آهي، وارثن کان پئسا گهرايو نه ته اوهان کي ماريو ويندو.

 

پوليس جي حدبندي تڪرار سبب وارثن سکر ۽ شڪارپور جا چڪر ڪاٽيندا رهيا

سکر: 20 ڏينهن اڳ 9 گهر ڀاتين کي ڌوڪي سان گهرائي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ شڪارپور ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس وچ ۾ مغوين جي بازيابيءَ تائين حدبندي جو تڪرار رهيو، ٻنهي ضلعن جي ايس ايس پيز پاران ضلعي جي حد مان اغوا ٿيڻ جي تصديق نه ڪئي وئي هئي، نتيجي ۾ 20 ڏينهن گذرڻ باوجود 9 گهر ڀاتين جي اغوا جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، مغوين جا وارث ڪڏهن ايس ايس پي سکر ته ڪڏهن ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس جا چڪر ڪاٽيندا رهيا.

حيدرآباد مان انبن جو واپاري مبينا اغوا

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ٻهراڙي جي راهوڪي واري علائقي مان انبن جو واپاري اغوا ٿي ويو. حيدرآباد ٻهراڙي جي راهوڪي واري علائقي مان انبن جو واپاري نوجوان حسن ناصر نظاماڻي ٻن ڏينهن کان گم آهي جنهن جي اغوا جو ڪيس راهوڪي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته حسن ناصر اصل ٽنڊي قيصر جو رهواسي آهي جڏهن ته ٽنڊو ڄام ۾ به سندس رهائش آهي جتان هو جمع واري ڏينهن صبح جو راهوڪي وٽ پنهنجي ٺيڪي جي باغ تي گهران نڪتو پر واپس نه موٽيو. سندس واپسي کي گهڻي دير گذرڻ بعد وارثن سندس ڳولا ڪئي ۽ هو راهوڪي ڀرسان ڊاڪٽر فهميده جوڻيجو جي باغ تي به پهتا جيڪو سندس ٺيڪي تي ورتل آهي پر هو اتي به موجود نه هو. پوليس ذريعن موجب حسن ناصر جي گمشدگي واري اطلاع کانپوءِ پوليس حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائن جا فٽيج به ڪڍرايا آهن جن مان اندازو ٿئي ٿو ته هو شفيع بائونڊري ۽ مرينا هائوسنگ اسڪيم وٽان به گذريو آهي. ابتدائي طور ٽنڊي ڄام ۽ راهوڪي ٿاڻي جي پوليس وچ ۾ حد جو تڪرار سامهون آيو پر ايس ايس پي حيدرآباد جي حڪم تي راهوڪي ٿاڻي تي نوجوان حسن ناصر نظاماڻي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اهو ڪيس نوجوان واپاري حسن ناصر جي ڀاءُ ولي محمد نظاماڻي جي فرياد تي داخل ٿيو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حسن ناصر صبح جو 8 بجي ڌاري گهران باغ جي سنڀال لاءِ نڪتو پر واپس نه آيو. هن جو موبائيل فون به بند آهي جڏهن ته هو پنهنجي ٺيڪي تي ورتل باغ تائين به نه پهتو. هن جي موٽرسائيڪل جو به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار ٻڌايو ته اغوا ٿي ويل نوجوان حسن ناصر وٽ هڪ اهڙي زمين جي باغن جو ٺيڪو هو جنهن تي نيب جي ايف آءِ آر ٿيل آهي. ممڪن آهي ته ان معاملي جي جاچ لاءِ نيب به سرگرم ٿي هجي. وارثن ڪجهه شڪي ماڻهن جا نالا به ڏنا هئا. پوليس سمورن رخن کي نظر ۾ رکي  ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي.