ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ڀرسان بگٽي برادري جي 2 ڄڻن جي قتل ۽ 2 ڄڻن جو اغوا جو ڏوهه راڄوڻي ۾ تيغاڻي ڏوهارين تي ثابت، چڱو مڙس ميڙ کڻي بگٽي چڱن مڙسن وٽ پهتو، معافي وٺڻ تي بگٽي چڱن مڙسن خون معاف ڪري ڇڏيا، خبر موجب 3 هفتا اڳ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تي ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا بهادر خان ۽ علي خان بگٽي قتل ٿي ويا هئا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿيو هو، جڏهن ته 2 ڄڻا اغوا ڪيا ويا ويا هئا، جن کي بعد ۾ بازياب ڪرايو ويو، ذريعن موجب معاملي جي راڄوڻي ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن جو خون ۽ اغوا معاملو تيغاڻي ڏوهارين تي ثابت ٿيو، جنهن بعد تيغاڻي چڱي مڙس تيغو تيغاڻي معافي وٺي ڇڏي، ڪالهه تيغو تيغاڻي ميڙ منٿ قافلو وٺي گهرام بگٽي وٽ ڊيرهه بگٽي پهتو، ميڙ منٿ قافلي ۾ ڊاڪٽر اقرار جکراڻي، سيف الرحمان رند ۽ ٻيا چڱا مڙس شامل هئا، ميڙ منٿ قافلو پهچڻ تي بگٽي چڱن مڙسن ڪوٽ بگٽي ۾ برادري جو ڪٺ گهرايو، جتي تيغو تيغاڻي ۽ ميڙ منٿ قافلي ۾ شامل چڱن مڙسن چيو ته اسان اوهان وٽ ميڙ کڻي پهتا آهيون، جيڪو فيصلو ڪيو، ڏوهه جا ڏوهاري آهيون، سڀ مڃون ٿا، معافي ٿا وٺون، ڏنڊ ڏوهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ان موقعي تي بگٽي چڱن مڙسن ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي ٻئي خون معاف ڪري ڇڏيا، گهرام بگٽي ۽ جلال بگٽي چيو ته اسان تڏي تي هلي اچڻ تي بلوچي رسم مطابق خون معاف ڪري ڇڏيا آهن، هوڏانهن تيغو تيغاڻي پاران ڌاڙيلن جي پاران ميڙ کڻي وڃڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته تيغو تيغاڻته سدائين چوندو رهيو آهي ته هن جو ڏوهارين سان واسطو ناهي، هاڻي وري ڏوهارين کي بچائڻ لاءِ بگٽين ڏانهن ميڙ کڻي ويو آهي ۽ انهن طرفان معافي ورتي آهي.