ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ پي آءِ اي جي چارٽرڊ اڏام ڪرغزستان جي شهر بشڪيڪ کان شاگرد کڻي ڪراچي پهتي. ايئرپورٽ تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڊپٽي ميئر سلمان مراد شاگردن جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان کي خوشي آهي ته اسان جا شاگرد سلامتي سان وطن واپس پهچي ويا آهن، سنڌ سرڪار جي انتظام هيٺ پي آءِ اي جي چارٽرڊ اڏام ذريعي کين واپس آندو ويو آهي.  هن چيو ته بشڪيڪ کان شاگردن جي پهرين اڏام ذريعي آيل شاگردن جو سنڌ جي وڏي وزير استقبال ڪيو هو.  وزيراعليٰ جي اسلام آباد ۾ اهم اجلاس ۾ مصروف هجڻ سبب اسين شاگردن جي آجيان لاءِ آيا آهيون. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته زخمي ٿيل 6 شاگردن جو سنڌ سرڪار علاج ڪرائيندي موقعي تي شاگردن ۽ سندن والدين حفاظت سان واپسي تي سنڌ سرڪار جا ٿورا مڃيا.